چمني 3

چمني 3: آڳاٽي وقت ۾ يورپ ۽ آمريڪا وغيره جي سرد علائقن ۾ گهرن ۾ بخارا ٺاهيا ويندا هئا، جن ۾ باهه ٻرندي هئي ۽ انهن جو دونهون مٿي کلندڙ چمنين مان خارج ڪيو ويندو هو. انهيءَ طريقي سان سنڌ ۾ به آڳاٽي وقت ۾ گهرن جي اڏاوت ۾ چمنيون رکيون وينديون هيون، جن کي بخارا به چوندا هئا، پر هاڻي بجليءَ ۽ گئس تي هلندڙ هيٽر اچڻ کان پوءِ انهن جو رواج ختم ٿيندو وڃي. هاڻي صرف ڏيکاءُ لاءِ بخارا ۽ چمنيون ٺاهيون وينديون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو